لينڊنگ دوران جهاز جو گيٽ کلي ويو، مسافرن جون دانهون

سکر(جيرام داس ) اسلام آباد کان سکر آيل پي آءِ اي جي اڏام لينڊنگ دوران وڏي حادثي کان بچي وئي، لينڊنگ ٿيندي ئي جهاز جو ايمرجنسي گيٽ کلي ويو، مسافرن جون دانهون، ايئرپورٽ ذريعن موجب اسلام آباد کان آيل پي ڪي 631 سکر ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪئي ته ان وقت ايمرجنسي گيٽ کلي ويو، جنهن سبب جهاز ۾ موجود مسافرن ۾ خوف پکڙجي ويو، مسافر دانهون ڪندا رهيا. پائلٽ حاضر دماغي ڏيکاريندي جهاز جي حفاظت سان لينڊنگ ڪرائي، جنهن کانپوءِ سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ انجيئرنگ ونگ ٻن ڪلاڪن جي مرمت کانپوءِ اڏام کي فٽ قرار ڏنو ۽ ان کي ڪراچي روانو ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو