ليجنڊ اداڪار عابد علي جي ٽين ورسي اڄ به دلين ۾ زندهه

ليجنڊ اداڪار عابد علي جي ٽين ورسي اڄ به دلين ۾ زندهه

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ڊرامي انڊسٽري جي ليجنڊ اداڪار ۽ هدايتڪار عابد علي کي مداحن کان وڇڙي 3 سال گذري ويا آهن.افسانوي ڪردارن ۾ حقيقت کي رنگينيندڙ نامور اداڪار عابد علي مارچ 1952ع ۾ ڪوئيٽا ۾ پيدا ٿيو ۽ ابتدائي تعليم ڪوئيٽا مان حاصل ڪئي.اداڪار عابد علي پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات ريڊيو پاڪستان سان ڪئي، بعد ۾ 1973ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن ۾ شامل ٿيو ۽ جھوڪ سيال ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريائين.کيس شهرت امجد اسلام امجد جي ڊرامي وارث سان ملي، سندس مشهور ڊرامن ۾ پياس، دوريون، مهندي، ديار دل ۽ ٻيا شامل آهن.پنهنجي دلڪش اداڪاري سان مداحن جون دليون کٽيندڙ اداڪار 1993ع ۾ ڊرامي سيريل دشت سان ڊائريڪشن جي شروعات ڪئي.هن 70ع کان 90ع جي ڏهاڪي تائين پي ٽي وي جي ڪيترن ئي مشهور ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، سندس فني خدمتن تي کيس 1985ع ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس سميت ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو.اداڪار عابد علي ٻه شاديون ڪيون. سندس پهرين زال جو نالو حميرا علي آهي، جنهن مان کيس ٽي ڌيئرون آهن، ايمان، رحمت ۽ مريم علي، جڏهن ته عابد علي 2006ع ۾ اداڪاره رابعه نورين سان شادي ڪئي.جگر جي ڪينسر ۾ مبتلا عابد علي 30 آگسٽ تي ساهه ۾ تڪليف سبب ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، پر هو زنده نه رهي سگهيو ۽ 5 سيپٽمبر تي خالق حقيقي سان مليو، جيڪو سنڌ جي دلين ۾ زنده رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو