ممبئي(ويب ڊيسڪ)سپر اسٽار رجني ڪنٿ کي سئنيما انڊسٽري ۾ 47 سال مڪمل ٿي ويا آهن، ان موقعي تي هن شاندار آجيان ڪئي.رجنيڪنٿ جون ڌيئرون ايشوريا ۽ سندريا گهر ۾ جشن جون تصويرون شيئر ڪيون. تصوير شيئر ڪندي ايشوريا رجنيڪنٿ لکيو ته ”آزادي جي 76 سالگرهه کي سلام، سڀني قربانين ۽ جدوجهد کي، رجني ڪنٿ جي ڌيءَ هجڻ تي فخر آهي. ياد رهي ته رجني ڪنٿ 1975ع ۾ فلم انڊسٽري ۾ ڊيبيو ڪيو هو. هن هن وقت تائين 160 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي، جن ۾ اڪثر تامل ۾ آهن.










