ڪراچي(ن سنڌيار)ڪراچيء جي تاريخي لياري ندي ۾ لينڊ سلائنڊگ سب پل کي خطرو غير قانوني والار سبب ندي نالو بڻجي وئي تفصيل موجب قبضا مافيا ندي کي به بخش نه ڪيو. ڪراچيء جي تاريخي ۽ اوائلي ندي , ڪراچيء جي اولاهين , سينٽرل , ڏکڻ ۽ ڪياماڙي ضلعن منجهان , اصل ۾ سنڌي , پر عربي سڏجندڙ سمنڊ طرف ڇوڙ ڪندڙ ۽ بلوچستان توڙي سنڌ جي جابلو علائقن منجهان وهي ايندڙ نئين جي برساتي پاڻيء کي , هن شهر جي رهواسين کي ڪو جوکو رسائڻ بنا , عربي ( سنڌي ) سمنڊ طرف سانت ۽ سڪون ساڻ ڇڏيندڙ لياري ندي ; پوليس , روينيو , اينٽي انڪروچمنٽ فورس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي سهڪار سان ٿيندڙ قبضي مافيا جي والار سبب سسي, هڪ نالي ۾ تبديل ٿي , آخري پساه کڻي رهي آهي .ياد رهي ته پوئين سالن ۾ اٺل بنھ هلڪن يا وچٿرن مينهن ۾ به اولھ ۽ سينٽرل جا گهڻا تڻا علائقا , هن سنڌ , بلوچستان توڙي سنڌ جي راڄڌاڻي ڪراچي شهر اندر وسندڙ مينهن جو پاڻي هڪ سٽ ۾ سمنڊ طرف اماڻيندڙ, هن تاريخي نديء مٿان والارون ٿي وڃڻ ۽ اهو مينهوڳيء وارو پاڻي ٺيڪ نموني نيڪال ٿي نه سگهڻ ڪري, درياء يا سمنڊ جي ڏيک ڏئي رهيا هئا ۽ ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ ڪاڻ هتي ٻيڙيون ۽ لانچون هلايون ويون ميڊيا جي سروي موجب نديء تي ٻنيهن پاسن کان قبضو ڪيو پيو وڃي قبضن سبب هترادو ڀراء وجهڻ ڪاڻ سرجاني ٽائون ۽ نئين ڪراچي کان سپر هائي وي ڏانهن ويندڙ نديء مٿان پل جا پلر زمين دوز ٿي ويا آھن جيڪڏهن سلهاڙيل ادارن ۽ ساڃهوند ماڻهن اک نه پٽي ۽ سرڪاري سرپرستيء هيٺ هن تاريخي نديء مٿان ٿيندڙ والارن کي نه روڪيو ويو ۽ پنج سئو کان ڇھ سئو فوٽ پيٽ رکندڙ ; هن نديء جي اصلي حيثيت کي بحال نه ڪيو ويو ته وڏو انساني هاڃو جنم وٺي سگهي ٿو .۽ ڪراچي شھر تمام گهڻو متاثر ٿي سگهي ٿو










