اسلام آباد(بيورو)حڪومت بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.موجوده حڪومت هڪ ٻي ايل اين جي ڪارگو جو معاهدو ڪري ورتو آهي، ايل اين جي ڪارگو 17 کان 18 مئي تائين سپلائي لاءِ خريد ڪيو ويو آهي.اسپاٽ ايل اين جي ڪارگو جي خريداري لاءِ ايمرجنسي ٽينڊر جاري ڪيو ويو، ايل اين جي ڪارگو 23.12 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو جي حساب سان خريد ڪيو ويو. ايل اين جي ڪارگو لاءِ سڀ کان گهٽ بولي ويٽول بحرين کان هئي.گذريل ڏينهن توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير به يقين ڏياريو هو ته مئي ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪيو ويندو، هن چيو هو ته هي بجلي پيداواري صلاحيت جو بحران نه پر تيل جو بحران آهي.










