ڊيره اسماعيل خان:(ويب ڊيسڪ) ڊيره اسماعيل خان جي تعلقي لوئر ڪرم ۾ مسافر گاڏي تي اڻڄاتل ماڻهن جي حملي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا آهن. پوليس موجب احمد خان ڪلي جي ڀرسان اڻڄاتل حمله آورن مسافر گاڏي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني ۽ واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويا. واقعي کان پوءِ علائقي کي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز گهيري ۾ وٺي ڇڏيو ۽ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿي ويلن جا لاش ٽي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. جڏهن ته واقعي جي جاچ جاري آهي. ڊي پي او ڪرم ملڪ حبيب موجب اهو حملو علائقي جي امن کي ختم ڪرڻ جي سازش آهي. علائقي مان قومي اسيمبلي ميمبر انجنيئر حميد حسين واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته پرامن علائقي احمد خان ڪلي ۾ دهشتگردي جو اهو واقعو شرپسندي جي سازش آهي جنهن کي هرگز ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.










