نئون ڪوٽ (ن سنڌيار)نئون ڪوٽ_هاڪڙي درياءَ جا قدرتي لنگھ بحال نه ٿيڻ خلاف نئونڪوٽ جي شھرين پاران خواجه چوڪ کان ٻاويھ ميل موري تائين ريلي ڪڍي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب سوين گاڏيو بيهجي ويون. ان ڏس ۾ اڳواڻن آصف رضا قائمخاني، عظيم چانڊيو، ريحان رضا، ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته جهڏو سميت نئون ڪوٽ جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آھن هاڪڙي درياءَ جي بندن تان پاڻي اور ٽاپ ٿي نئون ڪوٽ جي چئن ڪالونين کي ٻوڙي ڇڏيو آھي نئون ڪوٽ شھر جو ڊرينيج سسٽم بند ٿي ويو آھي ڪنهن به وقت نئون ڪوٽ جو بچيل علائقو ٻڏي سگهي ٿو، هنن چيو ته هاڪڙي درياءَ جا بند نه کوليا ويا ته نئون ڪوٽ جو رهيل حصو به ٻڏي ويندو، هنن چيو ته پاڻي نئون ڪوٽ جي گرڊاسٽيشن ۾ داخل ٿي رهيو آھي ڪنهن به وقت بجلي جي سپلائي بند ٿي سگهي ٿي جنهن سان نئون ڪوٽ ۾ وڏو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو، هنن چيو ته هاڪڙي درياءَ کي ايل بي او ڊي جي آر ڊي 261 وٽان ڏنل بند کولائي نئون ڪوٽ سميت ٻين علائقن کي ٻڏڻ کان بچايو وڃي










