اسلام آباد( بيورو رپورٽ) پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زردار انڪشاف ڪيو آهي ته لنڊن ۾ وزيراعظم عمران خان خلاف جاچ هلي پئي ۽ تمام جلد هڪ وڏو اسڪينڊل سامهون اچڻ وارو آهي. اهڙو اظهار هن پارليامينت هائوس ۾ جيو جي معتبر صحافي حامد مير کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. جيو تي سومر تي انٽرويو آن ايئر ٿيو ته چند منٽن بعد بند ڪندي انتظاميا اعلان ڪيو ته هو وڌيڪ انٽرويو نٿا هلائي سگهن. جنهن بعد حامد مير ٽوئٽ ڪيو ته هو پنهنجي ڏسندڙن کان معذرت ٿو ڪري. هن چيو ته ان مان آساني سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪنهن روڪيو آهي، هن ملڪ ۾ اظهار راءِ جي آزادي ناهي، اها ملڪ جي بدنامي آهي ۽ اسان کي دشمنن جي ضرورت ناهي. حامد مير اعلان ڪيو آهي ته هو جلد انٽرويو جا تفصيل شيئر ڪندو ۽ جيڪو ڪجهه هن ڪيو اهو غلط ناهي. هن سوال ڪيو ته ڇا اڳوڻو صدر طالبان ترجمان احسان الله احسان کان وڏو دهشتگرد آهي؟ طالبان ترجمان جو انٽرويو سيڪورٽي فورسز جي حراست مان نشر ٿيو هو مون ته پارليامينٽ ۾ انٽرويو ڪيو آهي. هوڏانهن بلاول ڀٽو چيو آهي ته هن سليڪٽيڊ حڪومت کي سليڪٽڊ آواز ٻڌڻ جي عادت آهي ۽ هي پابندي ضيا دور جي پابندي کان مختلف ناهي، نيئر بخاري ۽ ٻين پڻ انٽرويو آن ايئر نه ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اها اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي آهي










