لنڊن(ويب ڊيسڪ) لنڊن ۾26.2 ميل ڊگھي لنڊن ميراٿن ريس ڪينيا جي ڪيلون ڪيپٽم کٽي ورتي. ريس گرينچ ۾ شروع ٿي، شرڪت ڪندڙن ڪينري وارف، ٽاور برج ۽ ٽريفلگر اسڪوائر کان ٿيندي مال تائين بڪنگھم پيلس جي سامهون پوري ٿي. هر ائٿليٽ جيڪو ميراٿن ۾ ڊوڙي رهيو هو اهو ڪنهن نه ڪنهن خيراتي اداري لاءِ پئسا گڏ ڪرڻ لاءِ ڊوڙي رهيو هو. 45 هزار کان وڌيڪ ائٿليٽس ڊوڙ ۾ هصو ورتو جن ۾ جيو نيوز جو محمد جنيد به شامل هو. 10 پاڪستانين هن ريس ۾ حصو ورتو. 26.2 ميل جو فاصلو پهريون ڀيرو ڪينيا جي ڪيلون ڪيپٽم ٻه ڪلاڪ، هڪ منٽ ۽ 25 سيڪنڊن ۾ پورو ڪري ٽائيٽل کٽي ورتو. ميراٿن مقابلي ۾ ٻي پوزيشن به ڪينيا جي جيفري ٽن منٽن جي فرق سان حاصل ڪئي.










