لنڊن مان چوري ٿيل لگزري گاڏي ڪراچي مان هٿ

لنڊن مان چوري ٿيل لگزري گاڏي ڪراچي مان هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پرڏيهي انٽيليجنس اختيارين جي اطلاع تي ڪسٽمز ڪارروائي ڪندي لنڊن مان چوري ٿيل لگزري گاڏي ڪراچي مان هٿ ڪري ورتي.ڪسٽمز انفورسمينٽ اينٽي سمگلنگ اختيارين ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز ٽو ۾ ڪارروائي ڪندي بينٽلي گاڏي برآمد ڪئي.گهر جي مالڪ جي سڃاڻپ جميل شفيع جي نالي سان ٿي، جنهن ٻڌايو ته ان کي اها گاڏي نويد بلواني ڏياري هئي، جڏهن نويد کان پڇيو ويو ته هو مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو.ڪسٽمز اختيارين ٻنهي ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.اختيارين جو چوڻ آهي ته گاڏي لنڊن مان چوري ٿي ۽ هڪ يورپي ملڪ جي سفارتخاني جي جعلي دستاويزن تي پاڪستان آندي وئي هئي، گاڏي کي ڪسٽمز ويئر هائوس منتقل ڪيو ويو آهي.اختيارين موجب ضبط ڪيل گاڏي جي ماليت 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي، گاڏي کي ايڪسائز کاتي غير قانوني طور رجسٽر ڪيو، گاڏي جي رجسٽريشن تي 30 ڪروڙ ٽيڪس هو، جيڪو نه ڀريو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو