گلاب لغاري(سليمان چانڊيو ) يوسي ماڻڪ لغاري جي اڳوڻي ڪائونسلر مرحوم حاجي محمد اسلم لغاري جي ياد ۾ ميموريل والي بال ٽورنامينٽ منعقد ڪرايو ويو جنهن ۾ مهمانن سماجي اڳواڻ عقيل احمد سريوال ڊاڪٽر پيار علي لغاري ڊاڪٽر گلاب راء سائين پير شاھ تڳيو ٽڪر ۽ ٻين شرڪت ڪئي ٽورنامينٽ ۾ 4 ٽيمن اسرار ڪلب رحمان ڪلب مهر ڪلب ۽ فراز ڪلب جي هريش ڪيلاش لوھاڻو جمن سومرو شاهد لغاري ارجن لوهاڻو ڪاشف لغاري قربان لغاري عجيب احمد دليپ ڪمار ۽ ٻين رانديگرن حصو ورتو. ٽورنامينٽ جو فائنل مهر ڪلب ۽ اسرار ڪلب وچ ۾ ڪانٽي جي مقابلي کانپوء مهر ڪلب 13،15 تان کٽي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو ۽ سماجي اڳواڻ عقيل احمد سريوال کان ونر ٽرافي ۽ ڪيش انعام حاصل ڪيو بعد ۾ معززين مرحوم جي زندگي تي روشني وجهندي چيو ته هو غريب مسڪين ماڻهن لاء هڪ مسيحا هو زندگي ۾ هر وقت ٻين جي مدد ڪرڻ ۾ مصروف رهيو .











