خيرپور ناٿن شاهه(ن سنڌيار) خيرپور ناٿن شاهه ۾ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي، آر ايس ايف، انقلابي شاگرد محاذ ۽ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن (پي آر ايس ايف) طرفان لا جي شاگردن سالياني ۽ سيمسٽر فيس ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي خلاف بلوچ پمپ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنھن جي اڳواڻي ڪامريڊ سھيل چانڊيو، منظر چانڊيو، ڪامريڊ ڪامران چانڊيو ۽ ڪاشف چانڊيو ڪري رھيا ھئا، ريلي ۾ پورھيت مزاحمت سٿ جي ڪامريڊ بلاول ڀرڳڙي ۽ ماجد ٻگھيو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عاطف ملاح، ايس ٽي پي جي جبران چانڊيو ۽ قومي عوامي تحريڪ جي سڄڻ سيتائي پڻ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن موقف اختيار ڪيو تہ سنڌ حڪومت کي انتظاميا جي ناانصافي تي ٻڌل فيصلي خلاف نوٽيس وٺي شاگرد دشمن فيصلو واپس وٺڻ گھرجي، ٻي صورت ۾ احتجاجي جو دائرو وڌايو ويندو.دائرو وڌايو ويندو.










