لاکڙا ڪول فيلڊ ۾ روزگار نه ملڻ خلاف احتجاج

لاکڙا ڪول فيلڊ ۾ روزگار نه ملڻ خلاف احتجاج

مانجهند(ن سنڌيار)لاکڙا ڪول فيلڊ جي عرفان ڪوئلا ڪمپني ۾ مقامي ماڻھن جو روزگار نه ملڻ مبينا ڏاڍاين  ۽ بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف ڳوٺاڻن جو موٽر سائيڪل  ريلي ڪڍي کاڻ آڏو  نٽھڻ اس ۾ 3 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي ڇتي نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي ڳوٺاڻن محمد الياس کوسو علي حيدر کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت  ايم اين اي خورشيد جي پٽ جي  عرفان ڪوئلا ڪمپني ۾  کاتيدار مقامي ڳوٺاڻن کي روزگارکان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آھي  چوڪيدار ميٽ ڪولي بيلچي جي مزدوري لاء به ٻاهريان ماڻھون ڀرتي ڪيا ويا آھن جنهن سبب حقدارڳوٺاڻا  بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن جڏھن  ڪوئلي کاڻ جو زهريلو پاڻي سندن زمينن ۾ ڇوڙ ڪرائڻ سبب سوين ايڪڙ  زمينون بنجر بنجي ويون آھن زهريلي پاڻي ۾ سندن ڪيترائي جانور مري ويا آھن جڏھن ت سندن گهر ڪرڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آھي سندس سروي زمينون مان  روزانو لکين روپيا ڪوئلو نڪرڻ باوجود  کين هڪ روپيو به  معاوضو نٿو ڏنو وڃي حق گهرڻ تي هٿياربند ويهاري سندن ڳوٺن ڏانهن ويندڙ لنگه بند ڪيا وڃن ٿا ڪوئلي  ڪمپني پيئڻ جي پاڻي صحت تعليم سميت ڪابه بنيادي سهولٿ ناهي ڏني ڪمپني مالڪ بااثر هئڻ سبب ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جو ڌمڪيون ڏئي احتجاج تان هٿ کڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ت کين روزگار معاوضو ۽ سهولتون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو