لاڙڪاڻي ۾ فلڊ لائٽ فٽبال ٽورنامينٽ جاري

لاڙڪاڻو (ن سنڌ يار) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ فٽبال ايسوسيئشن جي تعاون سان ڊسٽرڪٽ فٽبال ايسوسيئشن جي نگراني ۾ شهر جي يونين ڪميٽي 7 ڀينس ڪالوني ۾ جاري انٽر ڊسٽرڪٽ فلڊ لائٽ فٽبال چئمپين شپ ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي لاڙڪاڻي جي صدر خير محمد شيخ، انفارميشن سيڪريٽري مير ماجد علي بروهي، پي پي پي يوٿ ونگ ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري ظهير احمد ناريجو، فهيم گل شيخ، منصور کوکر، اختر بروهي سميت ٻين ورڪرن مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. جڏهن ته ٽورنامينٽ جي آرگنائيزر نثار الله شيخ پاران آيل مهمانن کي آجياڻو ڏنو ويو. پي پي پي اڳواڻ خير محمد شيخ پارٽي اڳواڻن سان گڏجي ٽورنامينٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ رانديگرن کي ايوارڊ توڙي ٻيا انعام پڻ ڏنا.

پهنجو تبصرو موڪليو