لاڙڪاڻي جا 22 مختيارڪار 15 تي نيب ۾ طلب

سکر(بيورو رپورٽ) نيب سکر لاڙڪاڻي ڊويزن جي 22 مختيار ڪارن کي 15 آڪٽوبر تي گهرائي ورتو، نيب جو چوڻ آھي ته مختيار ڪارن تي اختيارن جي ناجائز استعمال جا الزام آھن. نيب جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر نديم احمد شيخ جي صحيح سان جاري ٿيل ليٽر کين طلب ڪيو ويو آهي. طلب ڪيل مختيار ڪارن ۾ ڏوڪري، باقراڻي، لاڙڪاڻو، رتوديرو، قمبر، شھداد ڪوٽ، وارھ، ميروخان، نصيرآباد، قبو سعيد خان، سجاول، ڳڙھي ياسين، خانپور، لکي، شڪارپور، ڳڙھي خيرو، جيڪب آباد، ٺل، ڪنڌڪوٽ ، ڪشمور ۽ تنگواڻي جا مختيارڪار شامل آھن. نيب ذريعن موجب مختيارڪارن تي سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ , رڪارڊ ۾ ھيراڦيري , رشوت وٺڻ  ۽ سيل سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ  جا الزام آھن. طلب ڪيل مختيارڪار پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ايم پي ايز فريال ٽالپر ، آغا سراج دراني، مير نادر مگسي ۽ امتياز شيخ جي چونڊ تڪن جا آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو