لاڙڪاڻو: (ن س) لاڙڪاڻي ڀرسان حيدري ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلوٿي پيو جنهن دوران ٻه انتهائي گهربل ڏوهاري مارجي ويا.ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري موجب ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي لاءِ پوليس جي نفري علائقي ۾ پهتي جتي هٿياربند ڏوهارين پوليس تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن دوران پوليس طرفان به جوابي فائرنگ ڪئي وئي. پوليس موجب مقابلي دوران 2 ڏوهاري مارجي ويا، جن جي سڃاڻپ قربان سنجراڻي ۽ ياسين مهيسر طور ٿي پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا آهن پوليس موجب مارجي ويل ٻئي ڏوهاري 30 کان وڌيڪ سنگين ڪيسن ۾ گهربل هئا ۽ ڪيترن ئي ضلعن ۾ پوليس کي گهربل هئا پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهاري ڦر، ڌاڙن ۽ ٻين سنگين ڏوهن سميت 100 کان وڌيڪ وارداتن ۾ ملوث هئا پوليس واقعي واري هنڌ تان هٿيار ۽ ٻيو سامان به هٿ ڪيو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ سرچ آپريشن پڻ جاري آهي، لاش ضروري ڪارروائي بعد اسپتال منتقل ڪيا ويا، وڌيڪ جاچ جاري آهي.










