لاپته ماڻهن جي بازياب نه ٿيڻ تي ڪاوڙ، ٻڌڻي 20 اپريل تائين ملتوي

لاپته ماڻهن جي بازياب نه ٿيڻ تي ڪاوڙ، ٻڌڻي 20 اپريل تائين ملتوي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ غائب ماڻهون بازياب نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻڌڻي 20 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي پوليس عملدارن پاران عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي ڪراچي مان ٻه لاپته ماڻهو عبدالمالڪ ۽ محمد عالم بابت به رپورٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻئي گم ٿي ويل ماڻهو مختلف ڪيسن ۾ گرفتار آهن ٻين 6 ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون عدالت گم ٿي ويل ماڻهن کي بازياب نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو عدالت عبدالمالڪ ۽ محمد عالم جي گهرڀاتين جون درخواستون اڪلائي ڇڏيون عدالت ٻين غائب ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ بابت اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو عدالت ٻين غائب ماڻهن جون درخوستون 20 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏيون.

پهنجو تبصرو موڪليو