لاهور ۾ کنڊ جي ڊيلرن خلاف ڇاپا شروع 3 تاجر گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب پوليس کنڊ ذخيرو ڪندڙ خلاف ڇاپا مار مهم شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ٽن تاجرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. شيخ عاصم ميڊيا کي ٻڌايو ته دفينس جي علائقي ۾ سادن ڪپڙن م ملبوس اهلڪارن ڇاپو هڻي ماجد ۽ شاهد کي حراست م ورتو آهي. هوڏانهن لاهور جي علائقي شاهدره ۾ به کنڊ جي ڊيلر عاصم کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس سندن گهران ڪاغذ به کڻي وئي آهي. ياد رهي ته گذريل مهيني اٽي جي بحران بعد کنڊ جو بحرن پيدا ٿيو هو ۽ هلندڙ سال کنڊ جي قيمت ۾ 16 کان 18روپيا في ڪلو واڌ بعد 83 يا 86 روپيا وڪامي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو