لاهور: گهر ۾ باهه، هڪ ئي خاندان جا 10 ڄڻا سڙي فوت

لاهور: گهر ۾ باهه، هڪ ئي خاندان جا 10 ڄڻا سڙي فوت

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي ڀٽي گيٽ واري علائقي ۾ گهر کي باهه لڳڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 10 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.ريسڪيو ذريعن موجب فوتين ۾ 6 ٻار، 3 عورتون ۽ هڪ مرد شامل آهن.ريسڪيو ذريعن موجب گهر ۾ باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي جنهن سڄي گهر کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 جي اهلڪارن موقعي تي پهچي باهه تي ضابطو آندو، جڏهن ته حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته باهه تي ضابطو آڻڻ بعد کولنگ جو عمل جاري آهي.ٻئي طرف پنجاب جي نگران وڏي وزير گهر کي باهه لڳڻ سبب 10 ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.محسن نقوي افسوسناڪ واقعي تي ڪمشنر لاهور ڊويزن کان رپورٽ طلب ڪندي واقعي جي جامع جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو