پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون روڪي ڇڏيو

پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون روڪي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو.پوليس ذريعن موجب زمان پارڪ ۾ پيٽرول بم حملن ۽ پوليس تي پٿراءُ ڪرڻ ۾ ملوث پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي 100 کان وڌيڪ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جون لسٽون به لاڳاپيل ٿاڻن کي فراهم ڪيون ويون، جڏهن ته رات دير سان پوليس اهلڪارن وائرليس پيغام ذريعي ڪريڪ ڊائون روڪڻ جا حڪم جاري ڪيا.پوليس ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي ڪجهه ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ انهن جي آزادي بابت اڃا تائين ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو