لاهور پوليس حسان نيازي کي حراست ۾ وٺڻ لاءِ ڪوئيٽا پهچي وئي

لاهور پوليس حسان نيازي کي حراست ۾ وٺڻ لاءِ ڪوئيٽا پهچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي مزنگ ٿاڻي جي پوليس عمران خان جي ڀائٽي ۽ فوڪل پرسن حسان نيازي کي حراست ۾ وٺڻ لاءِ ڪوئيٽا پهچي وئي.پنجاب جي گهرو وزارت بلوچستان حڪومت کي خط لکي حسن نيازي جي حوالگي جي درخواست ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حسان نيازي خلاف لاهور جي ريس ڪورس ٿاڻي ۾ قتل جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ان کان اڳ حسان نيازي کي 3 ايم پي او تحت ڊسٽرڪٽ جيل ڪوئيٽا مان ٿاڻي صدر منتقل ڪيو ويو هو، جڊيشل مئجسٽريٽ حسان نيازي جي ضمانت منظور ڪئي هئي.گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪوئيٽا ۾ احتجاج ڪندڙ پي ٽي آءِ جي گرفتار ڪارڪنن جاچ دوران ٻڌايو ته هنن حسان نيازي جي درخواست تي احتجاج ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو