لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور پوليس 6 ورهين جي ڌيءَ سان زيادتي جي ڪوشش ڪرڻ تي ويڳي پيءُ خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.پوليس موجب مقتولا جي ماءُ طاهره بي بي جي فرياد تي سندس مڙس شبير خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.جوهر ٽائون پوليس موجب معاملو شڪي لڳي رهيو آهي، عورت زيادتي جو الزام هنيو هو پر ثابت نه ٿي سگهيو هو. جڏهن ته زيادتي جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪري جاچ انويسٽيگيشن ونگ حوالي ڪئي وئي آهي.










