لاهور هاءِ ڪورٽ پاران 4 ڏينهن واري ورڪنگ شيڊول جو نوٽيفڪيشن واپس

لاهور هاءِ ڪورٽ پاران 4 ڏينهن واري ورڪنگ شيڊول جو نوٽيفڪيشن واپس

لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ 13 مارچ وارو جمعي ۽ ڇنڇر جي موڪل بابت نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي منظوريءَ سان رجسٽرار راجا قمر الزمان نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. فيصلي موجب، هاڻي هاءِ ڪورٽ ۽ ضلعي عدالتن ۾ جمعي ۽ ڇنڇر تي ڪم ٿيندو، عدالت عاليہ ۽ ضلعي عدالتن ۾ پراڻي روٽين موجب ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي ويندي، جڏهن ته عدليہ جي آفيسن ۾ اسٽاف به جمعي ۽ ڇنڇر تي ڪم ڪندو. واضح رهي ته قومي بچت پاليسي تحت 11 مارچ تي جمعي ۽ ڇنڇر جي موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو