لاهور هاءِ ڪورٽ فرح گوگي جي درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ فرح گوگي جي درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ فرح خان عرف(گوگي) جي درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شهرام سرور جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ فرح خان سندس مڙس احسن جميل ۽ غوثيه بلڊرز جي گڏيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.فرح گوگي درخواست ۾ نيب جي نوٽيس کي چئلينج ڪندي موقف اختيار ڪيو ته نيب بدنيتي جي بنياد تي نوٽيس جاري ڪيو آهي نيب وٽ پرائيويٽ ڪاروبار ۾ ڪارروائي جو اختيار نه آهي پر ان جي باوجود نوٽيس جاري ڪيا پيا وڃن.درخواستگذارن جي وڪيل موجب نيب نوٽيس جي تعميل لاءِ پوليس کي استعمال ڪري رهيو آهي جنهن جو ڪوبه جواز نه آهي. وڪيل استدعا ڪئي آهي ته نيب پاران جاري ڪيل نوٽيس تي عمل فوري طور تي معطل ڪيو وڃي. عدالت نيب نوٽيس تي فوري طور تي حڪم امتناعي جاري ڪرڻ جي استدعا رد ڪندي ڇڏي ۽ ريمارڪس ڏنا ته درخواستگذارن جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نه آهي نه ئي بليڪ لسٽ ٿيو آهي.عدالت درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو