لاهور)ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ ننڍي چونڊ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي تشريح لاءِ عدالت سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.گورنر پنجاب جي صدارت هيٺ اهم اجلاس گورنر هائوس ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ آءِ جي، چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن، ڊي جي قانون اليڪشن ڪميشن ۽ ٻيا عملدار به شرڪت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اجلاس ۾ مختلف معاملن جو جائزو ورتو پيو وڃي. پنجاب اسيمبلي جون چونڊون ٿي رهيون آهن.ذريعن موجب اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن پنهنجون آئيني ۽ قانوني تجويزون ڏنيون جڏهن ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي وضاحت طلب ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ فيصلي جي تشريح لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.










