لاهور قلندرز جي ڪوئٽا گليڊيئٽرز کي 63 رنسن تان شڪست

لاهور قلندرز جي ڪوئٽا گليڊيئٽرز کي 63 رنسن تان شڪست

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي اٺين ايڊيشن جي 10هين ميچ ۾ لاهور قلندرز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي 63 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪوئيٽا ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ لاهور قلندرز پهرين کيڏندي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي کٽڻ لاءِ 199 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. لاهور قلندرز مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 198 رنسون ٺاهيون. شائي هوپ 47، سڪندر رضا 32 ۽ مرزا طاهر بيگ 31 رنسون اسڪور ڪيو. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز طرفان قيس احمد ۽ اوڊين سمٿ ٻه ٻه رانديگر آئوٽ ڪيا. جواب ۾ ڪوئيٽا جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 135 رنسون ٺاهي سگهي. جيسن راءِ 48 ۽ محمد حفيظ 25 رنسون ٺاهيون. لاهور طرفان شاهين آفريدي 3 ۽ ڊيوڊ ويزي 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ڪوئيٽا هن وقت تائين پي ايس ايل ۾ 4 ميچون کيڏيون آهن، جن مان هن هڪ ۾ فتح ۽ 3 ۾ شڪست کاڌي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو