لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ فلور مل مالڪن اٽي جو اگهه گهٽائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪڪڙ جو گوشت هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگو ڪري ڇڏيو.مارڪيٽ ذريعن موجب ڪڻڪ جو اگهه 4 هزار رپيا هئڻ باوجود مل مالڪن اٽي جو اگهه گهٽائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪڪڙ جو گوشت به 16 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 501 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. مارڪيٽ ذريعن موجب 10 ڪلو سرڪاري اٽي جو ٿيلهو 648 رپيا ۽ 15 ڪلو اٽي جو ڪمرشل ٿيلهو 1900 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. مارڪيٽ ذريعن موجب سرڪاري اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي، جڏهن ته تندور مالڪن به روٽي ۽ نان جو وزن گهٽ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن باوجود روٽي 14 رپيا ۽ نان 25 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. مارڪيٽ ذريعن موجب ڪڪڙ جي گوشت جي قيمت ۾ 16 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي.










