قلندرز ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 79 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

قلندرز ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 79 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 جي چوٿين ميچ ۾ لاهور قلندرز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي 79 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.راولپنڊي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز لاهور قلندرز خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.لاهور قلندرز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 219 رنسون ٺاهيون. 220 رنسن جي هدف جي پويان، ڪوئيٽا جي ٽيم 17 هين اوور ۾ 140 رنسن تي ڍير ٿي وئي.لاهور قلندرز لاءِ فخر زمان 67 رنسن جي اننگز کيڏي، سندس اننگز ۾ 3 ڇڪا ۽ 7 چوڪا شامل هئا.سام بلنگز 19 بالن تي اڌ سينچري ٺاهي ۽ ناقابل شڪست رهيو. سام بلنگز 4 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 50 رنسون ٺاهيون.انهن کان علاوه عبدالله شفيق ۽ ڊيرل مچل 37-37 رنسون ٺاهيون. محمد نعيم 10 رنسون ۽ سڪندر رضا 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز لاءِ عقيل حسين ۽ ابرار احمد ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته فهيم اشرف ۽ عثمان طارق هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.220 رنسن جي هدف جي جواب ۾ ڪوئيٽا جي ٽيم صرف 140 رنسون ٺاهي سگهي.ڪوئيٽا لاءِ رائلي روسو 44 ۽ ڪوشل مينڊس 28 رنسون ٺاهيون.شعيب ملڪ 14 ۽ عقيل حسين 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. سعود شڪيل، حسن علي ۽ محمد عامر هڪ هڪ رن ٺاهيون.فن ايلن صفر اسڪور ڪيو، ابرار احمد 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، فهيم اشرف 21 رنسون ٺاهيون.لاهور قلندرز پاران شاهين آفريدي، آصف آفريدي ۽ سڪندر رضا 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. حارث رئوف هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.ياد رهي ته افتتاحي ميچ ۾ لاهور قلندرز دفاعي چيمپيئن اسلام آباد يونائيٽيڊ کان 8 وڪيٽن تان هارائي هئي، جڏهن ته گذريل ڏينهن ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز پشاور زلمي کي 80 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو