لانگ مارچ ٽوڙ ڦوڙڪيس: عمران خان،شيخ رشيد، فيصل جاويد بري

لانگ مارچ ٽوڙ ڦوڙڪيس: عمران خان،شيخ رشيد، فيصل جاويد بري

اسلام آباد )بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت پي ٽي آءِ باني فيصل جاويد ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد کي لانگ مارچ ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو.جڊيشل مئجسٽريٽ شهزاد خان پي ٽي آءِ باني فيصل جاويد ۽ شيخ رشيد جي بريت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران شيخ رشيد پنهنجي وڪيلن سردار عبدالرزاق ۽ سردار شهباز سان گڏ پيش ٿيو.شيخ رشيد جي وڪيل سردار عبدالرزاق چيو ته شيخ رشيد واقعي واري هنڌ موجود نه هو، هو شهر کان ٻاهر هو، مدعي پرائيويٽ شخص آهي، کيس ان خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو اختيار ناهي. شيخ رشيد خلاف سياسي بنيادن تي ڪيس داخل ڪيو ويو.هن عدالت کي استدعا ڪئي ته اسد عمر کي بري ڪيو ويو آهي ان ڪري شيخ رشيد جي بريت کي به قبول ڪيو وڃي.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو ڪجهه دير کانپوءِ ٻڌائيندي پي ٽي آءِ جي باني فيصل جاويد ۽ شيخ رشيد کي لانگ مارچ ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو.واضح رهي ته ڪوهسار ٿاڻي ۾ پي ٽي آءِ جي باني شيخ رشيد ۽ ٻين خلاف قلم 144 جي ڀڃڪڙي ۽ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو