لانگ مارچ سبب ٽرانسپورٽ بند، شهري پريشان

لانگ مارچ سبب ٽرانسپورٽ بند، شهري پريشان

اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ جي حڪومت مخالف لانگ مارچ سبب شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ٽرانسپورٽ جي بندش سبب مسافر سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.لانگ مارچ سبب گذريل ٻن ڏينهن کان لاهور کان ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ ٽرانسپورٽ بند آهي، جنهن سبب مسافر سخت پريشان آهن. مسافرن جو چوڻ هو ته 12 ڪلاڪن کان بس اسٽينڊ تي ڀاڄ پئجي رهي آهي پر کين ڪا به ٽرانسپورٽ نه ملي رهي آهي.ڪجهه مسافرن بس ٽرمينل تي بينچن تي پنهنجا بسترا ٺاهيا، اهڙي صورتحال ۾ ڪيترائي مسافر سامان چوري ٿيڻ جي شڪايت ڪندي نظر آيا.ٻئي طرف ٽرانسپورٽرن جو چوڻ آهي ته گذريل ٻن ڏينهن کان بسون نه هلي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو