ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عمران خان کي بي اعتمادي جي رٿ ذريعي عهدي تان هٽائڻ کانپوءِ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو اهم بيان سامهون آيو آهي شيخ رشيد سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي عمران خان بابت بيان ڏنو آهي، شيخ رشيد اعلان ڪيو ته هو 10 اپريل آچر تي (اڄ) رات جو 9 وڳي لال حويلي مان پنهنجي تڪ جي عوام جو شڪريو ادا ڪندو ۽ عمران خان سان يڪجهتي جو اظهار ڪندو شيخ رشيد وڌيڪ لکيو ته اڄ رات 9 وڳي لال حويلي راولپنڊي کان انشاءَ الله پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ”امپورٽڊ حڪومت“ نا منظور جو هيش ٽيگ به استعمال ڪيو










