راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ۽ سندس ڀاءُ شيخ صديقي جي وڪيلن جي پيش نه ٿيڻ سبب لال حويلي مان نيڪالي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.راولپنڊي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ۽ سندس ڀاءُ شيخ صديقي جي وقف ملڪيتن بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواست جي ٻڌڻي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خورشيد عالم ڀٽي ڪئي.شيخ رشيد ۽ شيخ صديق جي وڪيلن جي غير حاضري سبب ٻڌڻي سندن اچڻ تائين ملتوي ڪئي وئي. واضح رهي ته وقف املاک ختم ڪرڻ واري معاملي تي شيخ رشيد کي لال حويلي مان نيڪالي ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.










