لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ جي پنڊي بينچ متوڪا وقف اسٽيٽ بورڊ طرفان لال حويلي جي يونٽ کي ڊي سيل ڪرڻ کانپوءِ درخواست اڪلائي ڇڏي.جسٽس مرزا وقاص رئوف لال حويلي جي ون يونٽ کي ڊي سيل ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي جي موقعي تي درخواستگذار شيخ رشيد جي ڀيڻ عابده شميم جو وڪيل سردار عبدالرزاق عدالت ۾ پيش ٿيو.عابده شميم لال حويلي جي يونٽ ڊي 156 کي سيل ڪرڻ خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته متروڪ وقف ملڪيت بورڊ 30 جنوري تي غيرقانوني ڪريڪ ڊائون ڪيو ۽ درخواستگذار جي ملڪيت ڊي 156 کي سيل ڪيو.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته درخواستگذار جي ملڪيت شيخ رشيد جي اليڪشن آفيس آهي.عدالت کي ٻڌايو ويو ته شيخ رشيد اڃا تائين اين اي 62 تان اميدوار آهي، سندس اليڪشن آفيس سيل ڪيل ملڪيت ۾ ٺاهڻي آهي.عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته متروڪ وقف ملڪيت بورڊ جي ڪارروائي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.










