ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل ڪارروائي جي نتيجي ۾ “شايد اسان جا هڪ يا ٻه ڪمانڊر مارجي ويا آهن.”
آمريڪا ۾ بي بي سي جي ڀائيوار اداري اين بي سي نيوز سان ڳالهائيندي عباس عراقچي وڌيڪ چيو ته سندس ڄاڻ موجب “ايران جا سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي زنده آهن.”
واضح رهي ته اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته هن اڄ تهران ۾ انهن هنڌن کي نشانو بڻايو جتي اعليٰ سياسي ۽ سيڪيورٽي شخصيتون ميٽنگ لاءِ گڏ ٿيون هيون، جڏهن ته ايران جي سرڪاري ميڊيا انهن رپورٽن جي ترديد ڪري رهي آهي، جن موجب اڄ جي حملي ۾ ملڪ جا سينيئر سياسي عملدار ۽ فوجي سربراهه مارجي ويا آهن۔
عباس عراقچي جو چوڻ آهي ته ايران ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي چاهي ٿو ۽ ڳالهين لاءِ تيار آهي، شرط اهو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل پنهنجا حملا بند ڪن۔
هن اهو چوندي ته “اڃا تائين ڪو رابطو ناهي ٿيو”، وڌيڪ چيو ته “جيڪڏهن آمريڪي اسان سان ڳالهائڻ چاهين ٿا ته هو ڄاڻن ٿا ته مون سان ڪيئن رابطو ڪري سگهن ٿا.”










