قوم امپورٽڊ حڪومت آڻيندڙ غدارن کي نه وساريندي: عمران خان

قوم امپورٽڊ حڪومت آڻيندڙ غدارن کي نه وساريندي: عمران خان

چڪوال ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته صدر پيوٽن آڏو شهباز شريف جون ” ڪانپين ٽانگ رهي ٿين“چڪوال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مونکي قوم کي انهن چورن خلاف سڏ ڏيڻو آهي، هي سمجهندا هئا ته مان چپ ڪري ويهي رهندس، کين خبر هئڻ گهرجي ته مان پنهنجي محنت سان هن منزل تي پهتو آهيان.پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ هو ته شهباز شريف جي بي حسي ڏسو، اهڙين حالتن ۾ هو پرڏيهي دورا ڪري رهيو آهي، کيس ٻاهر وڃي ڪهڙي ملهه مارڻي آهي؟ جڏهن ملڪ ۾ ايڏي وڏي ٻوڏ آيل آهي، پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو به ٻاهر هليو ويو، کيس ان ڪري مڙهيو ويو جو اهو سندن حڪم مڃيندو.عمران خان مخالفن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هي ملڪ جو پئسو لٽي ٻاهر کڻي ويا جيڪڏهن اهو اڌ به واپس آڻين ته پاڪستان کي دنيا آڏو هٿ ٽنگڻ جي ضرورت نه پوي.روسي صدر پيوٽن آڏو شهباز شريف جون ” ڪانپين ٽانگ رهي ٿين“ ڪنهن وزيراعظم اهڙيون ڳالهيون ڪندي ناهي ڏٺو جيڪي شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ڪيون، هو يو اين سيڪريٽري جنرل کان معافي گهري رهيو هو.سندس چوڻ هو ته يون اين سيڪريٽري جنرل کي اها ڄاڻ هئي ته ان ڪابينا جا سٺ سيڪڙو وزير ضمانت تي آهن، سيڪريٽري جنرل ڪهڙي منهن سان توهان کي پئسا ڏيندو، کيس خبر آهي ته مٿن ڪرپشن جا ڪسيز آهن، سيڪريٽري جنرل کي سڀ خبر آهي انڪري هو کين پئسا نه پيو ڏئي.هن چيو ته شهباز شريف حلفي بيان ڏنو هو ته نواز شريف واپس ايندو، نواز شريف جي ڌيءَ زندگي ۾ هڪ ڪلاڪ به ڪم ناهي ڪيو، مريم ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، مريم نواز شهزادي بڻي ويٺي آهي کيس ميرٽ جي ڄاڻ ئي ناهي، چوڌري نثار ن ليگ کان ڌار انڪري ٿيو هو ته ڪٿي چوڌري نثار ۽ ڪٿي مريم نواز، پيپلز پارٽي ۾ پڻ ميرٽ هجي ها ته اعتزاز احسن چيئرمين هجي ها بلاول نه .

پهنجو تبصرو موڪليو