قومپرستن جي نه  پر علحيدگي پسندن جي ڳالھ ڪئي ھئي: بلاول ڀٽو

قومپرستن جي نه پر علحيدگي پسندن جي ڳالھ ڪئي ھئي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ عليحدگي پسند قوتون، پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) پاڻ ۾ رابطي ۾ آهن، جڏهن ته انهن جو مرڪز افغانستان ۾ آهي ۽ ڀارت انهن سڀني جو سهولتڪار آهي.بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان جي وضاحت ڪندي چيو ته قومپرستن بابت سندس بيان اصل ۾ عليحدگي پسند قوتن جي حوالي سان هو.هن چيو ته بيان دوران لفظن جي چونڊ ۾ کانئس غلطي ٿي، تنهنڪري سندس ڳالهه کي ان ئي تناظر ۾ سمجهيو وڃي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين جو چوڻ هو ته پاڪستان کي آڏو دهشتگردي ۽ عليحدگي پسندي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ صورتحال کي حقيقتن جي روشني ۾ ڏسڻ ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو