قومي ٽيم آسٽريليا کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي؛ اظهر

قومي ٽيم آسٽريليا کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي؛ اظهر

برسبين(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان اظهر علي چيو آهي ته قومي ٽيم ۾ صلاحيت موجود آهي ته هو آسٽريليا ۾پاڪستاني ٽيم سٺو پرفارم ڪري سگهي ٿي ۽ کٽي به سگهي ٿي. پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جو پهريون ٽيسٽ سڀاڻي کان برسبين ۾ شروع ٿي رهي آهي. ٽيسٽ کان پهرين ٻنهي ٽيمن گابا ۾ ٽريننگ ڪئي ۽ ٻنهي ڪپتانن ٽرافي جي رونمائي به ڪئي. اظهر علي تي پريس ڪانفرنس ۾ به نسيم شاهه جي باري ۾ سوالن جي ڀرمار ٿي جنهن تي ڪپتان نسيم شاهه جي ٽيسٽ اليون ۾ شامل ٿيڻ جي تصديق ڪئي. نسيم شاهه آسٽريليا خلاف ٽيسٽ کيڏندڙ تمام گهٽ عمر وارو ۽ مجموعي طور نائون گهٽ عمر وارو رانديگر هوندو. ڪپتان اظهر علي جو چوڻ هو ته نسيم شاهه جي وڊيو ته تمام گهڻيون ڏٺيون ليڪن پهريون ڀيرو نسيم شاهه کي سينٽرل پنجاب طرفان قذافي اسٽيڊيم ۾ نيٽ تي بالنگ ڪندي ڏٺو نسيم شاهه پنهنجي بالنگ سان سڀني کي متاثر ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته نسيم شاهه فٽ  آهي ۽ اميد آهي ته ان جو انٽرنيشنل ڪيريئر به سٺو ۽ طويل رهندو. قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته پاڪستان هميشهه تيز بالر پيدا ڪيا آهن ليڪن چار پنجن سالن کان فاسٽ بالر نه پيا اچن هاڻي نوجوان بالر جي شڪل ۾ تمام گهڻا تيز بالر سامهون اچي رهيا آهن ۽ انهن کي موقعو ڏنو پيو وڃي. پاڪستان ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي واپسي ۽ هڪ عرصي تائين انٽرنيشنل ڪرڪيٽ نه ٿيڻ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ اظهر علي چيو ته شوقين ۽ ڪرڪيٽر هوم گرائونڊ تي ڪرڪيٽ نه کيڏڻ تي ياد ڪن ٿا پر هاڻي ڪرڪيٽ ٿي رهي  آهي ۽ هڪ مهيني بعد ٽيسٽ ڪرڪيٽ به کيڏي ويندي. هن جو چوڻ هو ته هوم گرائونڊ تي ڪرڪيٽ جو هجڻ تمام ضروري آهي سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽيسٽ لاءِ اچي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو