اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مالياتي ذميواري ۽ قرض جي حد ايڪٽ تحت قومي قرضن بابت پاليسي رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي وئي.رپورٽ موجب جون 2021ع کان سيپٽمبر 2022ع جي وچ ۾ پاڪستان جو قرض 28 سيڪڙو وڌي 11.3 ٽريلين رپيا ٿي ويو، جيڪو سيپٽمبر 2021ع تائين 51.1 ٽريلين رپين تائين پهچي ويو.رپورٽ موجب جون 2021ع جي آخر تائين ملڪي قرض 39.87 کرب رپيا هو ۽ جون 2022ع جي آخر تائين پاڪستان جو قرض 49.19 کرب رپيا هو، هڪ پاڪستاني 1 لک 75 هزار 625 رپين جو مقروض ٿي ويو ۽ سيپٽمبر 2022ع ۾ هر هڪ پاڪستاني پاڪستاني 2 لک 25 هزار 247 رپين جو مقروض ٿي ويو.رپورٽ موجب مالي سال 2022 ۾ قرضن جو تناسب جي ڊي پي جو 2 سيڪڙو وڌي ويو آهي، ڪورونا کان اڳ قومي قرض جي ڊي پي جو 74.7 سيڪڙو هو.مالياتي ذميواري ۽ قرض جي حد جي قانون موجب حڪومت کي مالي سال 2022 ۾ قرض جي سطح جي ڊي پي جي 58 سيڪڙو تائين آڻڻي هئي.رپورٽ موجب جون 2021ع ۾ پاڪستان جو اندروني قرض 26.26 کرب رپيا هو، جيڪو جون 2022ع ۾ وڌي 31.04 ٽريلين رپيا ٿي ويو، جڏهن ته سيپٽمبر 2022ع ۾ پاڪستان جو اندروني قرض 31.40 کرب رپيا هو.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو پرڏيهي قرض جون 2021ع ۾ 13.6 ٽريلين رپين مان وڌي 2022ع ۾ 18.1 ٽريلين رپيا ٿي ويو ۽ سيپٽمبر 2022ع ۾ پاڪستان جو پرڏيهي قرض 19.73 ٽريلين رپيا ٿي ويو، 3.76 ٽريلين ۽ قرضن ۾ 3.18 ٽريلين جو اضافو ٿيو. رپورٽ موجب جون 2022ع ۾ پاڪستان جو پرڏيهي قرض 2.4 ارب ڊالرن جي اضافي سان 88.8 ارب ڊالر هو، مالي سال 22-2021ع ۾ 16.2 ارب ڊالر قرض ورتو ويو جڏهن ته 11 ارب ڊالر واپس ڪيا ويا.پرڏيهي قرض مالي سال 2021-22 ۾ ڪل قرضن جو 34 سيڪڙو آهي.رپورٽ موجب قومي قرضن ۾ واڌ جو سبب رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي، مهانگائي ۽ شرح سود ۾ اضافو آهي.










