قومي عوامي تحريڪ ڪارڪنن جو احتجاج،روڊ بلاڪ

قومي عوامي تحريڪ ڪارڪنن جو احتجاج،روڊ بلاڪ

بدين(ن سنڌيار) بدين:قومي عوامي تحريڪ بدين ضلعي جي اڳواڻن رشيد گوپانگ وليداد گوپانگ تي ڪوڙاو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ لواري شريف ۾ ٿيل جهيڙي ۾ زخمين جي ايف آئي آر داخل نہ ڪرڻ ۽ سندن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين حراسان ڪرڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ ضلعي بدين جي صدر گيانچند مهيشوري، اصغر نوتڪاڻي، عبدالرشيد گوپانگ، وليداد گوپانگ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن زرينه پرويز، حسينه جمال، ايس يو پي اڳواڻ دانش سومرو، عطا سنڌيار، بشير چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بدين ۾ قاضيه واهه جي موري کان بدين پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي بلدياتي اليڪشن ۾ شڪست جي خوف کان بوکلاٽ جو شڪار ٿي لواري شريف ۾ اسان جي همدردن ۽ حمايتن مٿان حملو ڪري کين شديد زخمي ڪري لواري شريف ۾ خوف وارو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي. بدين جي پوليس پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي ڌر بڻيل آهي ۽ چار ڏينهن گذرن باوجود اسانجي ايف آئي آر داخل نٿي ڪئي وڃي. ايس ايس پي بدين پيپلز پارٽي جي اڳواڻ عبدالرحمان بلوچ جي ونگار وهندي قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ عبدالرشيد گوپانگ يوسي لواري شريف مان اميدوار وليداد گوپانگ سندس تجويز ڪندڙ عبدالمجيد گوپانگ سميت 41 ماڻهن مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته لواري شريف ۾ بيگناهه ماڻهن مٿان داخل ايف آئي آر ختم ڪري سندن مرضي موجب حملي جي ايف آئي آر داخل ڪري ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ لواري شريف ۾ امن بحال ڪيو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چتاءُ ڏيندي چيو ته اگر بدين جي ضلعي انتظاميا پنهنجو رويو درست نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو