ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ ضلعي ملير پاران کوکرا پار ڪراچي ۾ بيگناهه قتل ٿيل عارف عباسي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ اسٽيل ٽائون موڙ کان نصيرآباد تائين ڪراچي ڊويزن جي صدر اشفاق چنڙ، جنرل سيڪريٽري فياض اتيرو، ضلعي ملير صدر ڪاشف خاصخيلي، مرڪزي اڳواڻ لياقت جھتيال، علي بخش ٻرڙو ۽ احسان جمالي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن مقتول عارف عباسي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ کوکرا پار ڪراچي ۾ بيگناهه قتل ڪيل عابد عباسي جي قتل کي ٻه ھفتا گُذرڻ باوجود پوليس ھن مھل تائين مقتول جي قاتلن کي گرفتار ناھي ڪيو.ھنن سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي نااھلي تي افسوس ڪندي چيو ته سموري سنڌ ۾ روزانو بيگناهه ماڻھن کي قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي ۽ پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ بلڪل لاتعلق آھي.ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ۽ ايس ايس پي ملير کان فوري طور مقتول عابد عباسي جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي.










