قومي شاهراه تي ڪوچ ۽ آئل ٽينڪر ۾ ٽڪر، 10 مسافر زخمي

قومي شاهراه تي ڪوچ ۽ آئل ٽينڪر ۾ ٽڪر، 10 مسافر زخمي

شاهپور جهانيان (اسد جاني) قومي شاهراه تي دينو مشين ڀرسان ڪوچ ڊرائيور جي غفلت سبب ڪراچي کان پنجاب ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ آئل ٽينڪر وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ سبب ڪوچ جي ڊرائيور ۽ ڪلينر سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي فوري طور موٽروي ۽ پوليس طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف آل پاڪستان آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن صدر سنڌ عبدالجبار سوهو ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته بر وقت اطلاع ملڻ تي حادثي واري جڳھ تي پھچي انتظاميا کي اطلاع ڏنو ۽ ٽينڪر تحويل ۾ ورتو. ان وڌيڪ ٻڌايو ته آئل ٽينڪر 40 هزار ليٽر پيٽرول سان ڀريل هو ٽينڪر پنهنجي وچولي رفتار ۾ هلي رهيو هو ته اچانڪ ڪوچ کيس پويان ٽڪر هنيو آئل ٽينڪر کي باحفاظت طريقي دولتپور ڊيپو تي پهچايو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو