اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي هدايت تي سفارتڪار کي سڏايو ويو ۽ ڌمڪين واري پيغام تي ڊي مارش ڪيو ويو. هڪ بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي، ڪنهن به ملڪ کي اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، فيصلا اسان جي آئين، قانون ۽ عوامي خواهشن موجب ٿيڻ گهرجن.هن چيو ته پاڪستاني قوم اندروني معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي ٻاهرين مداخلت نٿي چاهي، قومي سلامتي ڪميٽي چئي رهي آهي ته پرڏيهي مداخلت نامناسب آهي. اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته هن واشنگٽن ۾ پنهنجي سفير ذريعي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. شاهه محمود وڌيڪ چيو ته ترڪي پاڪستان جو دوست ملڪ آهي ۽ هر ڏکئي وقت ۾ اسان سان گڏ رهيو. هن چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ اهڙي حڪومت چاهي ٿو جيڪا سندن لاءِ نرم هجي.هن چيو ته پاڪستاني قوم اندروني معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي ٻاهرين مداخلت نٿي چاهي، قومي سلامتي ڪميٽي چئي رهي آهي ته پرڏيهي مداخلت نامناسب آهي. اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته هن واشنگٽن ۾ پنهنجي سفير ذريعي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. شاهه محمود وڌيڪ چيو ته ترڪي پاڪستان جو دوست ملڪ آهي ۽ هر ڏکئي وقت ۾ اسان سان گڏ رهيو. هن چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ اهڙي حڪومت چاهي ٿو جيڪا سندن لاءِ نرم هجي. جيڪي آئين کي ٽوڙي رهيا آهن اهي ٻڌايو ته آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي عوام جو ضمير خريد ڪيو وڃي. هن ڀارت کي چيو هو ته هو سٺا لاڳاپا چاهين ٿا ۽ ڪشميرين سان ڳالهيون نه ڪندا.










