قومي سلامتي بابت سياسي قيادت کي فوجي قيادت جي بريفنگ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس قومي اسمبلي جي هال ۾ جاري آهي جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد، افغانستان جي صورتحال، ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان طئي ڪيل معاملن بابت بريفنگ ڏيندا. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا جا اهم وزير، سمورين سياسي جماعتن جا پارلياماني ليڊر شريڪ آهن. فوجي قيادت، سياسي قيادت کي ملڪ جي داخلي ۽ خارجي سلامتي بابت بريف ڪندا ۽ اعتماد ۾ وٺندا. اڳ ۾ اهي خبرون آيون هيون ته پهرين نومبر ۽ 4 نومبر تي ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان جا گرفتار ليڊر آزد ٿيڻا هيا پر اپوزيشن پارليمان کي اعماد ۾ نه وٺڻ تي اعتراض ڪيو هو. اڄ به شهباز شريف چيو ته پارليمان کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ حڪومت فيصلا ڪري رهي آهي جيڪي قبول نه آهن. هن چيو ته ڪالعدم جماعتن سان معاهدي بابت مشاورت بعد موقف ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو