قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي احتجاج باوجود 11 بل منظور

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي احتجاج باوجود 11 بل منظور

اسلام آباد (اياز مهر) حڪومت قومي اسيمبلي جي نئين سيشن جي پهرين ڏينهن ئي اپوزيشن جي سخت احتجاج باوجود رڪارڊ قانون سازي ڪندي 11 بل منظور ڪري ورتا. ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيندي ئي هنگامو شروع ٿي ويو اپوزيشن جماعتن گو نيازي گو جا نعرا لڳائيدا رهيا ته سندن احتجاج دوران پاڪستان طبي ڪميشن بل 2019 منظور ڪيو ويو. اپوزيشن جماعتن ايوان ۾ آرڊيننس فيڪٽري جا نعرا لڳائيندي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. وزير پارلياماني امور اعظم سواتي مختلف بل منظوي لاءِ پيش ڪيا جنهن ۾ تازو جاري ٿيندڙ آرڊيننس بابت به بل شامل هو. ايوان، عورتن جي جائيداد ۾ حق، وارثت بل، ليگل اينڊ جسٽس ايڊ اٿارٽي 2019 بل ۽ پسمانده طبقي لاءِ قانوني معاونت ۽ انصاف اٿارٽي جا بل منظور ڪيا ويا. اجلاس ۾ اعليٰ عدليه ۾ ڊريس ڪوڊ جي نفاذ متعلق بل 2019 ۽ بي نامي ٽرانزيڪشن ترميمي بل 2019 اڪثريت راءِ سان منظور ڪيا ويا. قومي اسمبلي، قومي احتساب بيورو ترميمي بل 2019 جي به منظوري ڏني جنهن تحت احتساب آرڊيننس 1999 ۾ ترميم ڪئي وئي هئي. واضح رهي ته ايوان ۾ مجموعي طور 15 بل پيش ڪيا ويا جن مان 11 بلن جي منظوري ڏني وئي، 9 آرڊيننس ذريعي ٿيل قانون سازي کي اسمبلي قانوني حيثيت ڏئي ڇڏي. جن ۾ 7 ٿوري وقت ۾ جاري ٿيندڙ آرڊيننس به شامل آهن جڏهن ته 3 آرڊيننس ۾ 120 ڏينهن جو واڌارو پڻ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو