اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) قومي اسمبلي اڪثريت راءِ سان پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن لاءِ گهربل فنڊ ڏيڻ بابت بل رد ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پنجاب ۾ 14 مئي تي عام چونڊ ڪرائڻ لاءِ حڪومت کي حڪم ڏنو هو ته 21 ارب روپيا اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪيا وڃن. وفاقي ڪابينا آءِ ايم ايف جي فريم ورڪ، مهنگائي ۽ ٻين سببن جي ڪري رقم فراهم نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. جنهن جي روشني ۾ حڪومت بل پيش ڪيو، جيڪو قائما ڪميٽي کي موڪليو ويو ۽ ڪميٽي ان کي رد ڪري ڇڏيو. ان ڪميٽي جي رپورٽ اڄ ايوان ۾ پيش ڪئي وئي جنهن بعد اسحاق ڊار بل پيش ڪيو جيڪو وائيس ووٽ ذريعي اڪثريت راءِ سان رد ڪيو ويو. اپوزيشن جي ميمبر غوث بخش مهر چيو ته ايڏي تڪڙ ڇا جي آهي، اڄ ئي ڪميٽي ۾ ويو، اڄ ئي رد ٿيو ۽ اڄ ئي ايوان ۾ پيش ڪري ان کي رد ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ جي محسن لغاري چيو ته آئين جي شق 81 هيٺ بل رد ڪيو پيو وڃي، ساڳئي شق جي هڪ ذيلي شق ۾ آئين رقم فراهم ڪرڻ لاءِ پابند ٿو ڪري. قانون واري وزير چيو ته اها شق صدر ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن جي الائونسز بابت آهي. اسحاق ڊار چيو ته لغاري صاحب ٻيهر پڙهو اها شق عالمي عدالتن جي ثالثي جي ادائگين بابت آهي.










