اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي خالي ٿيل عهدي تي چونڊ جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ 16 اپريل جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ان حوالي سان قومي اسيمبلي جي سمورن ميمبرن کي خط پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي، نامزدگي فارم 15 اپريل تي جاري ٿيندا ۽ ڇنڊ ڇاڻ بعد انهن جي منظوري ڏني ويندي. ياد رهي ته اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ واري ڏينهن ووٽنگ کانسواءِ ئي استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، جڏهن ته ووٽنگ جي ذميواري پينل آف چيئرمين اياز صادق کي سونپي وئي هئي.










