ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي قلات ۾ شاهه مردان چيڪ پوسٽ تي اڻڄاتل هٿياربندن حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 15 زخمي ٿي پيا. قلات ضلعي جي علائقي جوهان ۾ اڻڄاتل هٿياربندن شاهه مردان چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 15 زخمي ٿي پيا.ليويز ذريعن جو چوڻ آهي ته زخمين ۽ شهيدن جا لاش ڪوئيٽا منتقل ڪيا پيا وڃن.واضح رهي ته 9 نومبر تي بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا جي ريلوي اسٽيشن تي آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ عورت سميت 26 ڄڻا مارجي ويا ۽ 62 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا.ڪالعدم بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) صحافين کي اي ميل ڪيل بيان ۾ ڌماڪي جي ذميواري قبول ڪئي.پرڏيهي خابرو اداري ’اي ايف پي‘ به بي ايل اي جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته خودڪش حملي ۾ پاڪستاني فوج جي هڪ اهلڪار کي نشانو بڻايو ويو، جيڪو هڪ انفنٽري اسڪول ۾ ڪورس مڪمل ڪري واپس وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو.










