ٽنڊوباگو(رپورٽر)قطر چيريئٽي طرفان بدين ضلع جي مختلف ڳوٺن جھڙوڪ تعلقا گولاڙچي جي ڳوٺ فيض محمد سميجو، تعلقا ٽنڊو باگو جي ڳوٺ علي مراد پتافي ۽ ماتلي تعلقي جي ڳوٺ حاجي احمد علي سومرو ۾ رمضان شريف جي ڀلاري مھيني ۾ 507 مستحق خاندانن ۾ فوڊ راشن تقسيم ڪيو ويو جنھن دوران مستحق خاندانن جي بيوه عورتن ۽ يتمين قطر چيريئٽي وارن کي دعائون ڏنيون ساڳئي وقت ڳوٺاڻن پاران قطرچيرئٽي جي اھڙي ڪاوشن کي ساراھيو ويو راشن تقسيم ڪرڻ واري موقع تي قطر چيرئٽي جي طرفان محمد قاسم لاشاري غلام شبير سيال ڳالھائيندي چيو ته قطرچيريئٽي 2019ع کان بدين ضلع ۾ ڪم ڪري رهي آهي ھن کان اڳ مختلف ڳوٺن ۾ نلڪا ۾ سولر پمپ ۽ مسجدن ۾ وضوگهر ٺھرايا آھن جڏهن ته مختلف ڳوٺن جي گرلس اسڪولن ۾ نياڻين جي سھوليت خاطر واش روم ٺهرائي ڏنا آهن ۽ قطر چيرئٽي مستحق غريب خاندانن جي فلاح بھبود جي لاء ڪوششون جاري رکندي.










