نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گروپ بي جي ميچ ۾ بوسنيا هرزيگووينا قطر کي 1-3 تان شڪست ڏني، جنهن کانپوءِ بوسنيا هرزيگووينا جي ٽيم گروپ بي ۾ ٽئين پوزيشن تي اچي وئي، جڏهن ته قطر جي ٽيم فٽبال ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي وئي.قطر سميت هيل تائين 6 ٽيمون ورلڊ ڪپ 2026 مان ٻاهر ٿي چڪيون آهن، قطر 2022 ورلڊ ڪپ جو ميزبان ۽ 2 ڀيرا ايشين چيمپئن رهي چڪو آهي. ٻئي طرف سوئٽزرلينڊ ۽ ميزبان ڪينيڊا ناڪ آئوٽ رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي، گروپ بي جي آخري ميچن ۾ سوئٽزرلينڊ ڪينيڊا کي ٻه – هڪ (1-2) تان هارايو.سوئٽزرلينڊ 7 پوائنٽن سان گڏ گروپ بي ۾ سڀ کان اڳتي (ٽاپ تي) آهي جڏهن ته ڪينيڊا ۽ بوسنيا جا چار چار پوائنٽس آهن، تنهن هوندي به گول اوسط جي برتري سبب ڪينيڊا ايندڙ مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي.










