قريشي جي گهر تي چڙهائي ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪريو

قريشي جي گهر تي چڙهائي ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪريو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ پاران رتو ديرو ۾ قومپرست اڳواڻ بشيرخان قريشي مرحوم جي گهر تي ڇاپي ۽ عورتن توڙي معصوم ٻارڙن کي کنڀڻ جي شديد مذمت ۽ چادر چارديواري جي تقدس کي پامال ڪرڻ وارن اهلڪارن خلاف سخت ڪاروائي جي گهر ڪندي چيو آهي ته سنڌ پوليس معصوم ماڻهن جي قاتلن کي گرفتار، شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث غنڊن کي پڪڙ ۾ آڻڻ بدران معصوم ٻارن ۽ نياڻين کي کنڀي مارشل لا جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي، سنڌ حڪومت هوش کان ڪم وٺي في الفور گرفتار ڪيل نياڻين ۽ بي گناه ماڻهن کي بازياب ڪرائي. جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته قانون جا محافظ عوام جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ بدران بي ڏوهي معصوم عورتن ۽ ٻارن کي گم ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي، جڏهن ته ان خاندان ۽ پارٽي سان لاڳاپيل اڳواڻ هر فورم تي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهن ان باوجود گهرن تي چڙهايون ۽ عزتدار عورتن کي کنڀڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بلوچستان وانگر هٿ وٺي سنڌ ۾ به حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيون، جيڪڏهن ڪنهن ڏوهه ڪيو آهي ته ان کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻڻ ادارن ۽ پوليس جي ذميواري آهي، پر بنا جواز عورتن کي هراسان ڪرڻ ۽ چادر چارديواري جو تقدس پامال ڪرڻ جي هرگز اجازت نٿي ڏئي سگهجي. جماعت اسلامي هر مظلوم ۽ ظلم خلاف آواز اٿاريندي رهي آهي، سنڌ حڪومت ۽ پوليس توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا معاملن کي بگاڙڻ بدران تحمل، بُردباري سان ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺن، سنڌ ۾ ماڻهو ننگن ۽ دنگن جي حفاظت لاءِ آخري حد تائين وڃڻ لاءِ تيار هوندا آهن ان ڪري حڪومت هوش کان ڪم وٺندي متاثر خاندان جي عورتن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ تُرت اُپاءُ وٺي مسئلي کي افهام تفهيم سان حل ڪري ان ۾ ئي سنڌ جي عوام ۽ رياست جي ڀلائي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو